وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ
۾ ملبو
سنڌ جي خوبصورت سَر زمين جي هن خطي ٿر ڪيترائي ذهين پيدا ڪيا آهن. پد مات جي پٽن تي امراڻي جي ڀرسان روحل واءِ جي ڀٽ تي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ 1943ع ڌاري هڪڙو ٻارڙو جنم وٺي ٿو. جنهن جو مائٽ نالو جمن رکن ٿا ۽ هو اڳتي هلي پوري سنڌ ۽ هنڌ ۾ جمن دربدر طور سڃاڻپ ڪرائي ٿو. جمن پرائمري تعليم مقامي طرح پاس... ڪري مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول ميرپور خاص مان پاس ڪري ٿو، جڏهن هي پهريون ڀيرو مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ ميرپورخاص ڏانهن اُسهي ٿو ته سندس وڏو ڀاءُ کيس 3 رپيا خرچي ڏئي ٿو، انهن ٽن رپين مان اچ وڃ جو ڀاڙو به ڪرڻو ۽ اتي امتحان جي سلسلي ۾ رهائش کاڌي وغيره جو به پورائو ڪرڻو هو، ائين هي بس ۾ سوار ٿي ميرپورخاص پهچي ٿو، جتي گڏ آيل ڪلاس فيلوز رهڻ لاءِ هوٽل تي ڪمرا وٺن ٿا ۽ جمن کي هڪ پارڪ ۾ بکئي پيٽ تي گذارو ڪرڻو پئي ٿو. جڏهن مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري ٿو ته کيس پرائمري ماستري جي آڇ ٿئي ٿي ۽ ان وقت هڪ وڏيرو جمن جي پيءُ کي چئي ٿو ته پرائمري ماستري جي نوڪريءَ تي پٽ جي زندگي ڇو ٿو تباهه ڪرين؟ هن کي مختيارڪار جي آفيس ۾ ڪلرڪيءَ جي نوڪريءَ آئون وٺي ڏيندس، ڇوڪرو منهنجي حوالي ڪر، ائين جمن جو پيءُ جمن جو هٿ ان وڏيري جي هٿ ۾ ڏئي ٿو ۽ اهو وڏيرو کيس وٺي اچي سندس بنگلي تي حاضري نوڪر رکي ٿو، جتي هيءُ فرمانبرداريءَ سان فرائض سر انجام ڏئي ٿو، اتي هڪ پوڙهو کيس سمجهائي ٿو ته پٽ هيءَ وڏيرا انتهائي ظالم ۽ قهري هوندا آهن، هتي سڄي زندگي غلام ٿي رهڻو پوندو، هتي ڪابه نوڪري وغيره نه ملندي، چپ چاپ ۾ هتان ڀڄي وڃ، ان ئي ڏينهن هن جي اندر جو باغي انسان جاڳي پئي ٿو ۽ هي وڏيرن ۽ سرمائيدارن کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو، هي واپس ڳوٺ اچي ٿو، جتي ڪجهه ڏهاڙا رهي روزگار جي تلاش ۾ ميرپورخاص وڃي ٿو، جتي هڪ هوٽل تي ٻاهر واليءَ جي نوڪري ملي ٿي ۽ خوش اسلوبيءَ سان ان کي قبول ڪري ٿو، هڪ ڀيرو ٻيهر شهر جو رُخ ڪري ٿو ۽ حيدرآباد ۾ پهچي ٽانگو هلائڻ شروع ڪري ٿو، مسلسل اٺن مهينن تائين ٽانگو هلائيندو رهي ٿو، ان ٽائيم تي ون يونٽ خلاف پوري سنڌ ۾ تحريڪون زور شور سان شروع ٿين ٿيون ۽ حيدرآباد وري به سڄي سنڌ جي تحريڪن جو مرڪز هجي ٿو، هيءَ ٽانگو هلائيندي انهي تحريڪ جو حصو بڻجي وڃي ٿو، ۽ هڪ ڀيري پنهنجي اسڪولي دوست عبدالواحد آريسر جي تقرير ٻڌڻ جو موقعو ملي ٿو ايني بسنت هال ۾، اتي عبدالواحد آريسرکي حسين جي نالي سان اسٽيج تي گهرايو وڃي ٿو ته هي وائڙو ٿي ٿو وڃي، آريسر تقرير پوري ڪري پنهنجي سيٽ تي اچي ويهي ٿو ته پاڻ سِرڪي ويجهو ٿئي ٿو، هي ٻئي ڀاڪر ۾ ٻکجي وڃن ٿا. پوءِ هي ٽانگو ڇڏي عمرڪوٽ جو رُخ ڪري ٿو، جتي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اسٽڊي سرڪل ۾ پابنديءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪري ٿو، هاڻي هي پڪو قومپرست ٿي ٿو وڃي ۽ هي انقلابي تحريڪن جو حصو بڻجي ٿو، ان وچ ۾ ميرپورخاص مان ايگريڪلچر ۾ ڇهن مهينن جو ڪورس به ڪري ٿو وٺي ۽ سڪرنڊ مان فيمس ۾ ڊپلوما ڪري ٿو وٺي، ان وچ ۾ هڪ ڀيرو ان دوشيزه سان مُکا ميلو ٿئي ٿو، ان ٽائيم سندس ڪيفيت سائينداد ساند جي هن شعر جهڙي ٿئي وڃي ٿي. مان اکين تي هٿ رکان هو تنهن کان اڳي موڙ اُڪري وڃي ته ڏاڍو سٺو سڪرنڊ ۾ پڙهائيءَ دوران علم دوست ماڻهن سان ڪچهريون ٿين ٿيون ، سندس مجازي عشق واري شاعري ته 1971ع واري جنگ دوران ٿيندڙ لڏ پلاڻ ۾ وڃائجي وئي هئي، هي هاڻي نئين راهه جو پانڌيئڙو بڻيو هو، جتي هن کي صرف سنڌ ئي سنڌ نظر اچڻ لڳي، هي جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو ۽ تنظيم جي پرچار لاءِ سنڌ جا جهر جهنگ جهاڳڻ لڳو، هي ڳوٺن ۾ جتي به ويندو هو ته انقلابي گيت ڳائيندو هو ته ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون موٽي اينديون هيون، سائين جي ايم سيد به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، هڪ ڀيري عمر ڪوٽ جي ايم پي اي، هاڻوڪي صوبائي وزير سيد حاجي علي مردان شاهه جي شادي هئي مٽياريءَ ۾، ان ڄڃ ۾ جمن به ويو هو، انهي شاديءَ ۾ سنڌ جي پوري ڪريم پهتل هئي، وزير، ايم پي اي، ايم اين اي، وڏيرا، جاگيردار، ڪامورا، مطلب هر طبقي جو ماڻهو موجود هو، انهن ماڻهن کي جمن پاڻي پئي پياريو، ايتري ۾ سائين جي ايم سيد پهچي ويو، سائين ان وقت جيل ۾ هو، ۽ پيرول تي آزاد ٿي آيو هو، سائين جي ايم سيد ان تقريب ۾، جئين اچي پهتو ته اتي ويٺلن مٿان ڄڻ وڄ ڪڙڪي پئي، سائين کي اسٽيج تي وهاريو ويو هو، ڪجهه دير کانپوءِ سائين جي نظر جمن تي پئي، ته سائين هڪ ماڻهوءَ کي موڪليو ته ان ڇوڪري کي وٺي اچ، اهو ماڻهو جمن کي اسٽيج تي سائين وٽ وٺي ويو ته جمن احترامن سائين سان جهڪي مليو، ته سائين ڇڪي ڀاڪر پاتو، سيني سان لڳائي ڳڙاٽڙي پاتائين ۽ پنهنجي ڀرسان ويهاري حال احوال وٺڻ شروع ڪيائين، هيءَ حضور شرم ماڻهو هيترن ماڻهن جي سامهون سائين سان گڏ ويٺي ڦڪو پئي ٿيو، پر سائين سڄي خلقت تان ڌيان هٽائي، هن فقير صفت انسان سان ڪچهري ڪندو رهيو، اڄ به جمن سائين جي اهڙي محبت کي ياد ڪري روئي پوندو آهي. آهي ڪو اهڙو ليڊر جيڪو هڪ ننڍڙي ورڪر سان اهڙي محبت ڪري؟ جمن سائين طرفان مليل اهڙي محبت کي دل ۾ سانڍي سنڌ جي آزاديءَ جي جدوجهد لاءِ واهڻ وستيون جهاڳيندو پنهنجي آواز جي ترنم سان ماڻهن کي جاڳائيندو رهيو. جمن ٻڌايو ته هڪ ڀيري اسان تنظيمي ڪم ڪار سان رُلندي پنندي رات جو موٽياسين، ٽن ويلن جا بکايل به هئاسين، پر ٻاهر ئي فيصلو ڪري آيا هئاسين ته اهڙيءَ طرح دروازو کولينداسين، جئين سائين نه جاڳي ۽ جي جاڳي پڇي ماني وغيره جو ته چونداسين کائي آيا آهيون. ائين پيرن جو کڙڪو ڪرڻ بنا اوطاق ۾ داخل ٿياسين، گلم وڇائي ليٽياسين ته سائين هٿ ۾ ٽارچ کنيل مٿان اچي بيٺو، پڇيائين ماني وغيره کاڌي آهي، ته اسان چيو ها سائين، جي ايم سيد تنهن تي پاڻ خاموشيءَ سان موٽي ويو ۽ ڏهن منٽن کانپوءَ مانين جي ڇٻي ۽ کير جي چؤنري کڻي اچي مٿان بيٺو، ته اسان چيو سائين اسان جي ته ماني کاڌل هئي، تنهن تي پاڻ وراڻيائين، بابا ماءُ کان اولاد ڪجهه به لڪائي نٿو سگهي، واقعي ان ٽائيم سائين اسان کي مهربان ماءُ وانگر نظر آيو، جيڪا ٻچن جي اکين ۾ نهاري، پرکي وٺي ته منهنجا ٻچا ڪيتري وقت جا بُکايل آهن. سائين جون اهي محبتون هونديون هيون، جيڪي ميلن جا ميل اسان کي پنڌ ڪرائينديون هيون، اهڙي سفر جو هڪ دلچسپ واقعو جمن ٻڌائيندي چيو ته هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد مونکي ۽ تاج جويي کي چيو ته ڦلهڏيون ۾ عابده پروين ڳائڻ تي آيل آهي، ان کي سالگرهه جي دعوت ڏيئي اچو، اسان نڪري پياسين وڃي، سانگهڙ پهتاسين ته ڀاڙو پورو ٿي ويو، صرف ٻه رپيا بچيا، اتان کان هڪ ڊاٽسن ۾ ويٺاسين، ڊاٽسن ۾ چڙهندي صلاح ڪئي ته آئون ڊاٽسن ۾ جهونگاريندس، تاج تون انعام ڏجان، ائين ڪجهه انعام ملي پوندو ڀاڙو نڪري ويندو، ڊاٽسن ۾ ويهندي مون جهونگارڻ شروع ڪيو ته تاج رڙ ڪري چيو ڀائو سُريلو ٿو لڳين، ٿورو وڏي آواز سان ڳاءُ ۽ پوءِ مون وڏي آواز سان ڳائڻ شروع ڪيو ته تاج هڪ رپيو انعام ڏنو، پوءِ ٻيو رپيو به انعام ڏنو ته ٻين به ويٺلن انعام ڏيڻ شروع ڪيو، اهڙيءَ طرح اسان کي ڀاڙو ملي ويو ۽ اسين ان ڳوٺ ۾ پهچي وياسين جتي عابده آيل هئي. عابده سان ملي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائين، پوءِ محفل شروع ٿي، عابده ڳائڻ شروع ڪيو 4 ڪلام ٻڌائي پوءِ چيائين ته هاڻي جمن ڳائيندو، ۽ پوءِ مون انقلاب ڳائڻ شروع ڪيو ته وڻ وڄي ويا، اتي 1200 کن انعام مليو
هاڻي
اندازو لڳايو هنن ماڻهن ڪيڏا پورهيا ڪيا، ڏک ۽ ڏاکڙا ڏٺا، اهو عشق ئي هو، جنهن هنن
جو هر سفر آس پئي بڻايو، اهڙيءَ طرح جمن قومي پروگرامن ۾ قومي گيت ڳائيندو هو،
اتي جيڪو انعام ملندو هو
جهڙي ريت هي سنڌي ماڻهن جو محبوب بڻجندو ويو ، پر هي فقير صفت انسان جنهن وٽ
گاڏيءَ ته ٺهيو، بس جو ڀاڙو به نه هوندو هو. سڄو ڏينهن پيادل سفر ڪندو رهندو هو
جمن جي زندگي جو سلسلو قومي تحريڪ سان هلندو رهيو، جمن سڄي زندگي فڪر جي ايم سيد
حوالي ڪري ڇڏي، پنهنجون سموريون خواهشون ترڪ ڪري ڇڏيون هئائين، هن اهڙي زندگي
گذاري هئي، جنهن ۾ نه گناهه جي لذت هئي نه عيش وعشرت هئي، هي سڀني مذهبن کان
بالاتر ٿي انسانيت جي بنياد تي وت ووڙيندو رهيو، انهيءَ دؤر ۾ هن جي ملاقات سنڌ جي
باغي شاعر حليم باغيءَ جي روم تي هڪ ، جمن ان جهرندڙ جيءُ سان پنهنجي دل کي آٿت
ڏيڻ لاءِ هڪ طويل نظم لکيو هو، جيڪو سن جي ڪراڙي شينهن سميت سڄي سنڌ جي باذوق
ماڻهن جي دلين ۾ پيهي ويو هو، اهو نظم هي هو،
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو
ختم اوندهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.
هي نظم جمن سنڌ جي هر ڳوٺ، هر گهٽي، هر واهڻ، هر وستيءَ ۾ ڳائيندو ۽ انقلاب برپا
ڪندو رهيو، پر جڏهن هي گيت سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي پهريون
ڀيرو ڳايو هئائين ته سائين جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا ۽ سائين جمن کي ڳراٽڙيون
پائي چميون ڏنيون هئائين، ان وقت سائين چيو هو ته هي ڳوڙها خوشيءَ جا ڳوڙها آهن،
اڄ آئون تمام گهڻو خوش آهيان، اڄ مونکي يقين ٿي ويو آهي ته هي ڌرتيءَ جا نوجوان
ههڙي شاعري ڪري سگهن ٿا، يقينن سنڌ آزاد، خوشحال ۽ سر سبز ٿيندي ۽ آئون ٻيو جنم
وٺي موٽندس ۽ آزاد سنڌ ۾ توهان سان گڏ هوندس.
سائين جا هي لفظ جمن لاءِ ڪنهن نوبل پرائيز کان گهٽ ڪين هئا، جنهن هڪ غريب گهراڻي
۾ جنم ورتو هو، مزدوريون ڪيائين، تغاريون کنيائين، ان ماڻهوءَ کي سائين جي ايم سيد
جهڙو سنڌ جو پيغامبر ڳراٽڙيون پائي، چميون ڏئي ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي
ٿو، جمن جو هيءَ نظم سڄي سنڌ ۾ ڳائجڻ لڳو، پمفليٽن ۾ لکجڻ لڳو، سچ پچ ته هي نظم
جمن جي سڃاڻپ بڻيو هو، هي شعر سنڌ ۾ اڄ به اوترو ئي ٻڌو ۽ ڳايو وڃي ٿو، جيترو ان
دؤر ۾ ٻڌو ۽ ڳايو ويندو هو، وري جو استاد شفيع فقير جو آواز ملي ويو ته اڃا وڌيڪ
مقبوليت جي مڃتائن کي ڇهڻ لڳو.
جمن جي روحل واءِ واري ڳوٺ جي ڀٽ تي قومي ورڪرن جا ميلا مچڻ لڳا، مچ ڪچهريون ٿيڻ لڳيون،
قومي شاعريءَ سرجڻ لڳي، جمن جو اهو سفر جاري هو ته سنڌ جو هي امام سائين جي ايم
سيد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سڄي سنڌ سان گڏ جمن جي دل ۾ به هڪ تڏو
وڇائجي ويو هو، ان وقت جمن جي اندر مان سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جو ڏک شاعريءَ
جو روپ ڌاري نروار ٿيو هو، ۽ هن هڪ خوبصورت وائي لکي سائين کي ڀيٽا ڏني هئي، اها
وائي هن ريت آهي.
سن جو سائين هو الا
وڻ وڻ واسي ويو
ڪڏهن ڪين جهڪيو
اهڙو عاشق سنڌ جو ڄمندو ڪين ٻيو
وڻ وڻ واسي ويو
ڪڏهن ڪين جهڪيو
علم ادب تاريخ جو ويو ٻاري يار ڏيئو
وڻ وڻ واسي ويو
ڪڏهن ڪين جهڪيو
پنهنجي هر ويريءَ کي جنهن مُرڪي معاف ڪيو
وڻ وڻ واسي ويو
ڪڏهن ڪين جهڪيو
جمن منهنجي محبوب جا اوهين عاشق سڀ جيئو
وڻ وڻ واسي ويو
ڪڏهن ڪين جهڪيو
جمن جي هن وائيءَ مان سائين جي ايم سيد سان اٿاهه محبت جي جهلڪ پسجي ٿي، جمن هن
وائيءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي سڀني پهلوئن کي نروار ڪيو آهي، هن وائي جي آخري سٽ
ته صفا محبتن جي انتهائن کي ڇُهي ٿي، جتي ڪو به عاشق پنهنجي محبوب جو ٻيو رقيب
پسند ناهي ڪندو، اتي جمن پنهنجي محبوب سائين جي سڀني عاشقن جي لاءِ دُعاڳو آهي، پر
ڏک اهو آهي ته اڄ اهي سمورا عاشق ڇڙو ڇڙ آهن، ۽ پوءِ جڏهن سائين جي چاليهي جي
موقعي تي انضمام پئي ٿيو ته هن ان ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو هو ۽ جيئي سنڌ محاذ ۽
جيئي سنڌ تحريڪ کي ختم ڪري (جسقم) جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد پيو هو ۽ هي ان
جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڪارڪن ٿيو هو، جمن سڄي زندگي هڪ مخلص ڪارڪن واري حيثيت سان
گذاري، ڪڏهن به ڪنهن عهدي جي لالچ نه ڪيائين، سائين جي وڇوڙي کان ڪافي عرصو نهايت
گهڻي سرگرميءَ سان سلهاڙيل رهيو، پر پوءِ قومي تحريڪ ۾ ٿيندڙ ٽوڙ ڦوڙ کان هي دل
شڪستو ٿي مايوس ٿي ويو آهي، پر پوءِ به هي اڄ تائين ٿڪو ناهي، اڄ به جمن سن جي
سائين جي حاضري ڀري ٿو، هر قومي تحريڪ جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو.
جمن جي وڏي خوبي اها آهي جو هي ڪنهن به ڌڙي جو حصو نه بڻيو آهي، هر ڪنهن جي
پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو آهي، هن وقت به پاڻ قومي تحريڪ جي سڀني ڌڙن کي گڏائڻ واري ڪم
۾ رُڌل آهي. خدا کيس ڪامياب بڻائي.
جمن دربدر واقعي سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذاري، پر مون هن ماڻهوءَ کي ڪڏهن به مايوس نه
ڏٺو. هميشه کلندو ۽ کلائيندو رهيو آهي، جمن جي ڌرتيءَ سان محبت ان حد تائين آهي جو
صبح جو سوير پير اڀراڻا ڪري روحل واءِ جي واريءَ ۾ پسار ڪندو رهي ٿو ۽ رات جو ته
پوري رات جتي پير ۾ ئي نه وجهندو آهي. ان سان کيس سڪون ملندو آهي. جمن جي روحل
واءِ واري ڀٽ تي ٺهيل اها جهوپڙي اڄ به سنڌ جي نئين نسل جي ڪچهرين جو مرڪز آهي پاڻ
به ڪڏهن ڪڏهن انهن ڪچهرين جو حصو بڻجندو رهي ٿو.
0 Comments